روح رهاڻ 2

روح رهاڻ 2

روح رهاڻ 2

روح رهاڻ 2

روح رهاڻ 2

روح رهاڻ 2 (ڪتاب): هن ڪتاب جو ليکڪ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب ۽ محقق ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ شاهه جي شاعريءَ ۾ موجود لوڪ ۽ رومانوي داستانن کي نثري انداز ۾ قلمبند ڪيو آهي. ليکڪ پيش لفظ ۾ ڪتاب جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي تمثيلي شعر جو اڪثر مضمون ڪنهن قصي ۽ ڪهاڻيءَ تي ٻَڌل آهي، مگر شاهه پاڻ ڪو به قصو يا ڪهاڻي سربستيءَ ريت ۽ سلسلي وار بيان نٿو ڪري. انهن مان فقط ڪي دلچسپ واقعا ۽ احوال نظم ۾ آندا اٿس. مون انهن مڙني کي پنهنجي تاليف ڪيل ’شاهه جي رسالي‘ جي ٻئي ۽ ٽئين جلد ۾ نئين لباس ۾ ظاهر ڪيو آهي. هاڻ پڙهندڙن جي سهولت لاءِ انهن کي اُتان ڌار ڪري، هن ڪتاب ۾ هڪ ئي هنڌ جمع ڪيو ويو آهي.“
هن ڪتاب ۾ ڪل 9 لوڪ قصن جو تفصيل ڏنو ويو آهي، جن ۾ ليلا چنيسر، مومل ۽ راڻو، عمر ۽ مارئي، نوري ۽ ڄام تماچي، سهڻي ۽ ميهار، سسئي ۽ پنهون، مورڙو ميربحر، سورٺ ۽ راءِ ڏياچ ۽ ڪربلا جو قضيو اچي وڃن ٿا.
148 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن، ان جو پهريون ڇاپو 1933ع ۾ ڇپيو. موجوده ڇاپو مڪتبه اسحاقيه جهونا مارڪيٽ، اردو بازار ڪراچيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 12 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو